آسٽريليا ۾ کيڏڻ جو خواب پورو ٿيو: شاداب خان

برسين (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي بالر شاداب خان چيو آهي ته بگ بيش ليگ کيڏڻ سان سندس آسٽريليا ۾ کيڏڻ جو خواب پورو ٿي ويو. قومي ٽيم جو ليگ اسپنر شاداب خان بگ بيش ليگ ۾ برسين هيٽ جي نمائندگي ڪندو ۽ اهڙي ريت پهريون ڀيرو ليگ ۾ جلوا ڏيکاريندو. شاداب بگ بيش لاءِ گھڻو پرجوش آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته آسٽريليا ۾ کيڏڻ سندس خواب هو جيڪو بگ بيش ليگ جي صورت ۾ پورو ٿي ويو. ليگ اسپنر جو چوڻ هو ته ”بي بي ايل ۾ کيڏڻ لاءِ گھڻو پرجوش آهيان، آسٽريليا ۾ کيڏڻ خواب هو جيڪو هاڻ حقيقت بڻجي ويو آهي، آسٽريليا ۾ کيڏي گھڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو ملندو“.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *