آسٽريليا ڪورونا وائرس سبب ڏکڻ آفريقا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم ڪورونا وائرس سبب ڏکڻ آفريقا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو.ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر تان ڏکڻ آفريقا جو دورو ملتوي ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب اسان وٽ دورو ملتوي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن موجود نه هو.واضح رهي ته ڏکڻ آفريقي ٽيم هن وقت ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي، ان سيريز کانپوءِ آسٽريليا کي ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ مارچ ۾ ڏکڻ آفريقا جو دورو ڪرڻو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *