آسٽريليا کان شڪست ملڻ کان پوءِ پي سي بي قوم کي صبر جي هدايت ڪري ڇڏي

 

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان  ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا جي هٿان شڪست کان پوءِ پاڪستاني عوام کي صبر جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته رات وچ ۾ سڀ ڪجهه تبديل نٿو ڪري سگهجي.پاڪستان کي آسٽريليا ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ هڪ هڪ اننگز جي مارجن تان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو پر اهو  ڪو پهريون موقعو ناهي  جو پاڪستان کي آسٽريليا ۾ شڪست  کي منهن ڏيڻو پيو آهي. پاڪستاني ٽيم آسٽريليا ۾ مسلسل 14 ٽيسٽ ميچ هاري چڪي آهي پر ان سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم مقابلو ڪندي نظر نه آئي جنهن تي شوقينن سخت مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.چيف ايگزيڪيوٽو پي سي سي بي وسيم خان پاڪستاني ٽيم جي هار تي آسٽريليا ۾ هڪ انٽرويو ۾ چيو ته صبر تمام اهم هوندو آهي. جڏهن اوهان کٽيندا آهيو ته شڪست کي  به منهن ڏيڻو پوندو آهي. هن چيو ته شڪست سان دنيا ختم ناهي ٿي ويندي. هن چيو ته بحيثيت قوم اسان کي صبر ڪرڻ گهرجي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ يقين آهي ته اسان ضرور ڪامياب ٿينداسين.وسيم خان چيو ته اسان ٽيسٽ ۾ ستين ۽ ون ڊي ۾ ڇهين نمبر تي آهيون. اهو صرف انتفاق ناهي. هن چيو ته اسان رات وچ ۾ تبديلي نٿا آڻي سگهون. ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪوچز تبديل ڪريون، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃي ۽ اسان دنيا کي شڪست ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون. هن چيو ته اسان کي سسٽم تبديل ڪرڻو پوندو. ان ۾ ٽائم ضرور لڳي سگهي ٿو پر ان سان بهتر نتيجا سامهون ايندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *