سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا پنهنجي پهرين ننگز ۾ 538 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪري ڇڏي جنهن جي جواب ۾ پاڪستان ٻئي ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تائين اظهرعلي ۽ يونس خان جي سينچري جي بدولت ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 126 رنسون ٺاهيون اظهرعلي 58 ۽ يونس خان 64 رنسن سان وڪيٽ تي موجود آهن. سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏندڙ مئچ ۾ پاڪستان پهرين اننگز ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 126 رنسون ٺاهيون آهن. پاڪستان پاران اننگز جي شروعات اظهرعلي ۽ شرجيل خان ڪئي پر پنهنجي راند جي مزاج سبب مشهور شرجيل خان صرف 4 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. بابر اعظم به زيرو تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو صرف 6 رنسن تي وڪيٽون ڪرڻ سان کان پوءِ اظهرعلي ۽ يونس خان ذميواراڻي راند جو مظآهرو ڪندي وڪيل جي چئني طرف کان اسٽورڪ کيڏيا ۽ ٻئي ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تائين اظهرعلي 58 ۽ يونس خان 64 رنسن تي موجود آهن.