آسٽريليا پرٿ ٽيسٽ ۾ ڀارت کي هڪ سئو ڇائيتاليهه رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

 

پرٿ(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ڀارت کي پرٿ ٽيسٽ ۾ 146 رنسن تان شڪست ڏئي 4 مئچن جي سيريز 1_1 تان برابر ڪري ڇڏي آهي.ڪينگروز ڀارت کي مئچ کٽڻ لاءِ 287 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ ڀارت جي پوري ٽيم 140 رنسون ٺاهي پويلين رواني ٿي. راند جي پنجين ۽ آخري ڏينهن ڀارت 112 رنسن 5 وڪيٽن جي نقصان تي اننگ ٻيهر شروع ڪئي ته 5 رانديگر مجموعي اسڪور ۾ رڳو 28 رنسن جي واڌ ئي ڪري سگهيا.مئچ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي نيٿن ليون کي ”مين آف دي مئچ“ جو اعزاز ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *