
ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز خلاف 12 آڪٽوبر 1999 تي اولين انٽرنيشنل ون ڊي کيڏندڙ شعيب ملڪ واضح طور تي اعلان ڪري چڪو آهي ته انگلينڊ ۾ 2019 جو آءِ سي سي ورلڊ ڪپ کيڏڻ کانپوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ مان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيندو.18سالن جي ڪيريئر ۾ شعيب ملڪ کي رڳو 2007 جو ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو موقعو مليو، 2003، 2011 ۽ 2015 ورلڊ ڪپ ۾ مختلف سببن جي ڪري ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو.پنهنجي انٽرنيشنل ڪيريئر ۾ ڪيترائي ڀيرا تڪرارن جي ور چڙهيل رهندڙ شعيب ملڪ کي جنوري 2009 ۾ سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز جي پڄاڻي تي مئنيجر ياور سعيد مرحوم ۽ ڪوچ انتخاب عالم جي رپورٽ تي قيادت مان فارغ ڪري ڇڏيو هو.جون 2013 ۾ انگلينڊ ۾ منعقد ٿيندڙ آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي جي 3 ميچز ۾ 25 رنز ٺاهيندڙ شعيب ملڪ کي قومي ٽيم ۾ واپسي لاءِ 22 مهينا انتظار ڪرڻو پيو.81.69 اسٽرائيڪ ريٽ رکندڙ شعيب ملڪ آسٽريليا خلاف 5 ون ڊي ميچز ۾ سرفراز احمد جي جاءِ تي ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي، پر موجوده صورتحال ۾ شعيب ملڪ جي ڪارڪردگي ۽ سليڪشن تي سوال اٿي رهيا آهن.