آسٽريليا جو عورت ڪرڪيٽرز کي به مردن برابر رقم ڏيڻ جو مطالبو

دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي تي وومينز ورلڊ ڪپ جي ڪيش انعامن تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.وومينز ورلڊ ڪپ جي فاتح کي مينز ورلڊ ڪپ جي فاتح ٽيم جي پرائيز مني جو ٽيون حصو مليو آهي.انگلينڊ مينز 2019ع ۾ 4 ملين آمريڪي ڊالر انعامي رقم حاصل ڪئي، جڏهن ته آسٽريليا وومينز کي رڳو هڪ ڏهائي 3 ملين ڊالرز جي رقم ملي آهي.ان حوالي سان ورلڊ چيمپئن آسٽريلين ٽيم جي بيٽر ايليسا هيلي جو چوڻ آهي ته پرائيز پول ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي، پرائيز مني جي ورڇ جي بنياد کي وڌائڻ جي ضرورت آهي.آسٽريلين وومينز ٽيم جي ڪپتان ميگ ليننگ چيو ته ننڍن ۽ ايمرجنگ ملڪن ۾ وومين ڪرڪيٽ جي ڊيولپيمنٽ جي گنجائش آهي، پرائز مني ۾ واڌ ۽ ان جي ورڇ وڌائڻ جي مطالبي جي حمايت ڪريان ٿي.سندس موجب پاڪستان ۽ بنگلاديش ورلڊ ڪپ ۾ شاندار صلاحيت جو مظاهرو ڪيو، انهن ٽيمن تي ڌيان ڏيڻو پوندو جن ڪواليفاءِ نه ڪيو، جيئن سريلنڪا جي ٽيم آهي.ميگ ليننگ وڌيڪ چيو ته مقابلي جي فضا کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، اسان نٿا چاهيون ته هميشه ٻن ٽيمن وٽ ئي سڀ ڪجهه هليو وڃي، اميد آهي ته آءِ سي سي ان حوالي سان ضرور سوچيندي ۽ پلان ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *