آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان دورو رد ڪرائڻ جي ڀارتي سازش وائکي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي دوري تي آيل آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل رانديگر جي گهر ڀاتين کي ڀارت مان سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته 24 سالن کانپوءِ پاڪستان ايندڙ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي هڪ ميمبر جي خاندان کي انسٽاگرام تي ڌمڪيون ڏنيون ويون.ذريعن موجب آسٽريلوي رانديگر کي پاڪستان ۾ کيڏڻ تي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، ڌمڪيون انسٽاگرام تي جعلي اڪائونٽjyot.isharma391  تان ڏنيون ويون.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌمڪين ۾ ڀارتي رياست گجرات جو مرائدل تيواڙي نالي سان شخص ملوث آهي، هو گجرات ۾ آءِ ايم سي لميٽيڊ انوائرنمينٽل، هيلٿ ۽ سيفٽي آفيسر آهي، جنهن جي اي ميل ايڊريس mridul.tiwari07@gmail.com ۽ موبائل فون نمبر 00917060185885  آهي.واضح رهي ته پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ روڪڻ لاءِ ڀارت اڳ ۾ به اهڙيون حرڪتون ڪري چڪو آهي، ان کان اڳ ويسٽ انڊين رانديگرن کي به پاڪستان دورو ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏنيون ويون، جڏهن ته پاڪستان جي دوري تي آيل نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي گهرڀاتين کي به اهڙي ئي قسم جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، جنهن سبب نيوزيلينڊ پاڪستان ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوءِ انگلينڊ به پنهنجو شيڊيول پاڪستان دورو رد ڪري ڇڏيو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *