آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو اسسٽنٽ ڪوچ  ٽي-20  ورلڊ  ڪپ کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو

سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريليائي ڪرڪيٽ ٽيم جو اسسٽنٽ ڪوچ ڪريگ ميڪ ڊرموٽ هلندڙ مهيني ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ٽي-20 کان پوءِ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. سندس دور ۾ آسٽريليائي ٽيم  2013ع ۾ انگلينڊ خلاف ايشز جو ٽائٽل کٽڻ سان گڏوگڏ ورلڊ ڪپ ٽائٽل پڻ پنهنجي نالي ڪيو هو ۽ هاڻي هو چاهي ٿو ته ڪينگروز ٽيم ورلڊ ٽي-20 ٽائٽل کٽڻ ۾ ڪامياب ٿئي ته جيئن هو يادگار طريقي سان رخصت ٿئي. آسٽريليا ڪرڪيٽ  بورڊ مئي 2014ع ۾ ڊرموٽ سان ٻن سالن جو معاهدو ڪيو هو جيڪو هلندڙ سال مئي ۾ ختم ٿي ويندو ۽ ڊرموٽ معاهدي ۾ واڌ جو خواهشمند ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *