
ايڊليڊ (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ٽيم ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي وائيٽ واش کان بچي وئي. رپورٽ موجب ايڊليڊ ۾ جاري ٽيسٽ سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ ۾ ميزبان ٽيم ڏکڻ آفريڪا طرفان مليل 127 رنسن جو ٽارگيٽ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي. ڪينگروز طرفان ڊيوڊ وارنر 47 رنسن جي جارحاڻي اننگ کيڏي، جڏهن ته ڪپتان اسٽيون سمٿ 40 ۽ ميٽ رنشا 34 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪي ٽيم پهرين اننگ ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 259 رنسون ٺاهيون هيون ۽ ٻي اننگ ۾ 250 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي، جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم پهرين اننگ ۾ 383 رنسون ٺاهيون هيون.27