آسٽريلوي عورت ڪرڪيٽ ٽيم ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 17 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي

نيو پلي مائوٿ: آسٽريلوي عورت ڪرڪيٽ ٽيم ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ميزبان نيوزيلينڊ کي 17 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي، نيو پلي مائوٿ جي ميدان تي کيڏيل ٽئين ميچ ۾ آسٽريلوي عورت ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 145 رنسون ٺاهيون،پيري بهترين بيٽنگ ڪندي سڀ کان وڌيڪ 43 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته بليڪ ويل 27 ۽ لاننگ 17 اسڪور ڪيو، نيوزيلينڊ طرفان نيوٽن 2 وڪيٽون ورتيون، جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم بيٽس جي شاندار ففٽي ۽ مڪ گلاشن جي محنت کانپوءِ به مزو نه ڪيو ۽ 8 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر 20 اوورن ۾ 128 رنسون ٺاهي سگهي، بيٽس شاندار 54 ۽ مڪ گلاشن 35 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته باقي 6 رانديگرياڻيون ڊبل فگرز ۾ پهچڻ کان پهرين ئي پويلين موٽي ويون،اهڙي ريت مهمان عورتن 17 رنسن تان ڪاميابي ماڻي، آسٽريليا طرفان شوٽ ۽ پيري 2-2 شڪار ڪيا، پيري کي شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگي تي ميچ جي بهترين رانديگرياڻي قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *