آسٽريلوي اخبار ويرات ڪوهلي کي ڪرڪيٽ جو ڊونلڊ ٽرمپ قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي اخبار ”ٽيلي گراف“ جي بين هورن پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکيو آهي ته ڀارتي ڪپتان کلي عام داٻو ڄمائڻ ۾ مصروف آهي جڏهن ته آءِ سي سي ۽ انڊين بورڊ ۾ اها جرئت ناهي جو ان تي ڪنٽرول ڪري سگهن، اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر جيف لاسن چيو آهي ته ڪوهلي کي هاڻي وڏو ٿيڻ گهرجي، ڪنهن به ٽيم جي قيادت وڏي اهم ذميواري هوندي آهي البته ڪوهلي جو رويو تمام خراب آهي جڏهن ته جواب ۾ هندستان ٽائمز الزام لڳائيندي چيو آهي ته آسٽريلوي ميڊيا پوري سيريز دوران ئي نفرت انگيز مهم جاري رکندي آئي، ٻئي طرف بالي ووڊ جي شهنشاهه ليجنڊ اداڪار اميتاب بچن به ويرات ڪوهلي جي حمايت ۾ اڳيان ايندي سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي طنزيه انداز ۾ چيو آهي ته آسٽريليوي ميڊيا ويرات ڪوهلي کي راندين جو ڊونلڊ ٽرمپ قرار ڏنو آهي جنهن تي مان آسٽريلوي ميڊيا جو ٿورائتو آهيان جو انهن ڪوهلي کي هڪ فاتح ۽ صدر تسليم ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *