آزاد ۽ شفاف چونڊون اسان جي اولين ترجيح آهي، پر چونڊ نتيجن کي مڃڻ به انتهائي اهم آهي: محمد زبير

ڪراچي (پ.ر) گورنر سنڌ محمد زبير چيو آهي ته آزاد ۽ شفاف چونڊون اسان جي اولين ترجيح آهي، پر چونڊ نتيجن کي مڃڻ به انتهائي اهم آهي. ايندڙ چونڊن ۾ عوام ڪارڪردگي ۽ اهليت جي بنياد تي ووٽ ڏينداسين. نواز شريف جي نااهلي سان متعلق سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي مثال دنيا ۾ نه ملندي. حڪومت سنڀالي ته سڄي خرابين کي تبدريج درست ڪيو. امن و امان ۽ معاشي صورتحال هاڻ تمام بهتر ٿي چڪي آهي. ماضي ۾ ڪراچي کي خراب حالت کي بهتر ڪرڻ ۾ سياسي خواهش جو فقدان هو. مشرف دور ۾ ماڻهن کي مارڻ جو لائسنس مليل هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيرز جي آفيس ۾ ميٽ دي ايڊيٽرز پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نواز شريف جي مقدمي کان وٺي نااهلي تائين معاملي سان توهان سڀ ماڻهو بخوبي واقف آيو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان اسان مطمئن نه آهيون. پٽ جي پگهارن کي ظاهر ڪرڻ خراب اڪائونٽنگ چورائيندي آهي. ان سان اهو مطلب به نڪري سگهجي ٿو ته ان جو مقصد ڪجهه ٻيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *