آزاد ڪشمير جي وزيراعظم لاش ڪيرائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) پرويز رشيد چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم لاش ڪيرائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. جڏهن ته هن ٽيلفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران وفاقي وزيرن کي به گهٽ وڌ ڳالهايو. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي پرويز رشيد چيو ته هن چوڌري عبدالجميد کي چيو هو ته سخت ٻولي کيس نه ٿي سونهيَ. هن چيو ته ڪوٽلي واقعي ۾ اڃا تائين ڪنهن کي به ڏوهي قرار نه ڏنو ويو آهي، پوءِ نون ليگ جي ڪارڪن جون گرفتاريون ڇو ڪيون پيون وڃن. پرويز رشيد چيو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم پاران سخت بيانن جو سلسلو اڃا به جاري آهي. هن چيو ته هو سيد خورشيد شاهه کي منصف مقرر ڪن ٿا، سموري صورتحال سندس سامهون رکي ويندي،هو جيڪو به فيصلو ڪري کين قبول هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *