آزاد ڪشمير، نوسيري جي آبادي ۾ ڪلسٽر بم وکريا پيا آهن: رپورٽ

مظفرآباد (اين اين آءِ) ڀارت پاران ايل او سي تي ڪلسٽر بمن جي استعمال جا ناقابل ترديد ثبوت آڏو اچي ويا آهن ميڊيا رپورٽس موجب ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرول تي ڪلسٽر بمن جي استعمال جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت ظاهر ٿي ويا آهن آزاد ڪشمير جي علائقي نوسيري جي آبادي ۾ ڪلسٽر بم وکريا پيا آهن انهي علائقي ۾ گذريل ڏينهن ڪلسٽر بمن سان چار ڄڻا شهيد ٿيا هئا ۽ 11 زخمي ٿيا هئا آءِ ايس پي آرموجب ڀارتي فوج لائين آف ڪنٽرول تي شهري آبادي کي ڪلسٽر بمن سان نشانو بڻائي رهي آهي ڀارتي فوج 30 ۽ 31 تي آزاد ڪشمير جي نيلم وادي ۾ توبخاني جي ذريعي ڪلسٽر ايمونيشن جو استعمال ڪيو جنهن سبب چئن ورهين جي ٻارڙي سميت 2 ڄڻا شهيد ۽ 11 زخمي ٿيا هئا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *