آزادي بس جي اڳين منزل لاهور آهي، عمران احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪارڪنن کي تياري جي هدايت

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڪارڪنن کي احتجاج جي تياري جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آزادي بس جي اڳين منزل لاهور آهي، تحريڪ انصاف جي ڪارڪن جي جذبي کي ڪوبه پئسي سان خريد ڪري نٿو سگهي، سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ ڪندڙ پارٽين کي شرمندگي سهڻي پئي، پورو پاڪستان خاص ڪري نوجوانن جي اميدن جو محور تحريڪ انصاف بڻجي چڪي آهي. هو بني گالا ۾ تحريڪ انصاف جي نئين چونڊيل سينيٽرز ۽ خيبر پختونخوا ۾ تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽين جي ايم پي ايز کي ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪري رهيو هو. مانجهاندي ۾ خيبر پختونخوا وڏي وزير پرويز خٽڪ، جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق، خيبر پختونخوا سان تعلق رکندڙ صوبائي وزيرن سميت اتحادي پارٽين جي ايم پي ايز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عمران خان نهايت خوشگوار موڊ ۾ خطاب ڪندي خيبر پختونخوا ۾ هارس ٽريڊنگ کي ناڪام بڻائڻ تي صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي واڌايون ڏيندي چيو ته اسيمبلي ميمبرن جهڙي جرئت جو مثال ڪٿي نٿو ملي، تحريڪ انصاف جي ايم پي ايز سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ رد ڪري ڇڏي، هارس ٽريڊنگ ڪندڙ پارٽين کي شرمندگي سَهڻي پئي، ميمبرن کي سلام پيش ڪريان ٿو، ثابت ٿي ويو ته تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي جذبي کي پئسي سان نٿو خريد ڪري سگهجي. عمران خان چيو ته ڪارڪن رستن تي اچڻ جي تياري ڪري وٺن، آزادي بس رواني ٿيڻ واري آهي، ڪارڪن پنهنجون تياريون مڪمل رکن. آزادي بس هاڻ لاهور پهچندي، پوري پاڪستان جون اميدون خيبر پختونخوا حڪومت سان جڙيل آهن، خاص ڪري نوجوان تحريڪ انصاف ڏانهن نهاري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *