آرڊيننس اصولن تي ٻڌل لڳي ٿو، صدر کي آرڊيننس جاري ڪرڻ کان نٿا روڪي سگهون: عدالت

اسلام آباد(م.ڊ)  سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ جي ذريعي ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو ته آرڊيننس اصول تي ٻڌل آهي، ملڪ جي صدر کي آرڊيننس جاري ڪرڻ کان نٿا روڪي سگهون. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته جيڪڏهن آرڊيننس ۾ ڪو تضاد آهي ۽ عدالت ريفرنس جو جواب نفي ۾ ڏئي ٿي ته اِهو پاڻ ئي غير موثر ٿي ويندو. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته آرٽيڪل 226 جي تحت وزير اعظم ۽ وزيرن سميت ٻين چونڊن جو طريقيڪار ڳجهو ڇو رکيو ويو آهي؟ اسان ملڪ ۾ سٺا سياستدان به ڏٺا آهن، سڀني سياستدانن کي هڪ پيماني ۾ نه تورڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ لاءِ صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، عدالت اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم بابت گذريل ڏينهن جاري ٿيندڙ صدارتي آرڊيننس جي خلاف جي يو آءِ جي درخواست تي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي سينيٽر رضا رباني چيو ته ڪا به سياسي پارٽي سينيٽ ۾ بدعنوان ماڻهن جي نمائندگي جي حامي ناهي، سنڌ حڪومت جي ذريعي پيپلز پارٽي هتي ڌر آهي، حڪومت پارٽي کان الڳ ناهي. چيف جسٽس چيو ته نه حڪومت سياسي پارٽي طرفان ڳالهه ڪري سگهي ٿي نه سياسي پارٽي حڪومت طرفان، اٽارني جنرل چيو ته وڏي عجيب ڳالهه آهي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ پيپلز پارٽي جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، آئون هتي پي ٽي آءِ طرفان نه وفاق طرفان نمائندگي ڪري رهيو آهيان.  جي يو آءِ جي وڪيل ڪامران مرتضيٰ عدالت ۾ چيو ته حڪومت صدارتي ريفرنس جي حوالي سان عدالتي ڪارروائي جو احترام ناهي ڪيو، عدالت اوپن بيلٽ جي باري ۾ صدارتي ريفرنس ٻڌي پئي ۽ آرڊيننس جاري ڪيو ويو. ان تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته آرڊيننس کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري سگهجي ٿو. اٽارني جنرل خالد جاويد چيو ته سينيٽ اليڪشن شيڊول 11 فيبروري کان پوءِ آرڊيننس جاري ٿيڻ سان مسئلا ٿي سگهن ٿا، آرڊيننس سپريم ڪورٽ جي رائي جي روشني ۾ عمل هيٺ ايندو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته توهان جو مطلب آهي ته ووٽنگ سيڪرٽ ٿيندي پر بيلٽ بي وقت ضرورت سڃاڻپ نه ٿي سگهندي، اٽارني جنرل چيو ته فرض ڪيو سپريم ڪورٽ رائي نه ڏئي ته 11 مارچ تي سينيٽ اليڪشن سيڪرٽ ووٽ سان ٿيندي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته آرٽيڪل 226 جي تحت وزير اعظم ۽ وزيرن سمي ٻين چونڊن جو طريقيڪار ڇو ڳجهو رکيو ويو آهي؟ اسان پنهنجي ملڪ ۾ سٺا سياستدان به ڏٺا آهن، سڀني سياستدانن کي هڪ ئي پيماني ۾ تورڻ گهرجي، 1985ع جي عام چونڊن جو مثال اسان جي آڏو آهي، 1985ع جون چونڊون غير جماعتي بنياد تي ٿيون، محمد خان جوڻيجو حڪومت ٺاهي ۽ پيسا استعمال ٿيا. اٽارني جنرل چيو ته سپريم ڪورٽ پيسا وٺي ووٽ ڏيندڙن جو رستو هميشه لاءِ بند ڪري، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *