آرٽيڪل 370 جو خاتمو بدامني ۽ وڏي احتجاج جو سبب بڻجي سگهي ٿو: ايمنسٽي انٽرنيشنل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ايمنسٽي انٽرنيشنل ڀارت خبردار ڪيو آهي ته نئين دهلي طرفان خطي جي اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح مشوري بنا والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو فيصلو ۽ شهرين جي حقن کي مڪمل طور معطل ڪرڻ ڇڪتاڻ ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ايمنسٽي انٽرنيشنل ڀارت جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي حڪومت جو والاريل ڪشمير جي اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح مشوري کانسواءِ آئين تحت اتان جي خاص حيثيت کي ختم ڪرڻ جو هڪ طرفو فيصلو، شهرين جي حقن کي مڪمل طور معطل ڪرڻ، مواصلاتي نظام کي مڪمل طور بند ڪرڻ سان امڪاني طور ڇڪتاڻ، رياست ۾ ماڻهن کي ڌار ڪرڻ ۽ انساني حقن جي وڌيڪ ڀڃڪڙين جو خطرو آهي. انساني حقن جي اداري طرفان چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 370 جو خاتمو رياست ۾ بدامني ۽ وڏي سطح تي احتجاج جو سبب بڻجي سگهي ٿو، وادي ۾ هزارن جي انگ ۾ واڌو فوج مقرر ڪئي وئي آهي ۽ ڪرفيو لاڳو ڪري رهواسين جي آزاداڻي چُرپر محدود ڪئي وئي آهي، کين پرامن احتجاج جي حق کان روڪيو ويو آهي. گڏوگڏ اهو به چيو ويو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز کي اڻڄاتل مدي لاءِ معطل ڪرڻ به عالمي انساني حقن جي معيار موجب ناهي. بيان ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل ڀارت جي سربراهه آڪر پٽيل جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ هزارين فوجين جي واڌو مقرري، ٽيلي فون ۽ انٽرنيٽ سروسز جي معطلي، پرامن اسيمبلي تي پابندي کي ڏٺو ويو آهي، جنهن هتان جي عوام کي اڳ ئي ڪناري تي ڪري ڇڏيو آهي، ان صورتحال کي وڌيڪ سنگين ان وقت بڻايو ويو، جڏهن اهم سياسي اسٽيڪ هولڊرن کي نظربند ڪيو ويو ۽ والاريل وادي جي حوالي سان پارليامينٽ جو اهم فيصلو اتان جي ماڻهن جي مشاورت کانسواءِ ڪيو ويو. ايمنسٽي انٽرنيشنل انڊيا بيان ۾ زور ڏنو آهي ته والاريل وادي ۾ ڀڃڪڙين جو خاتمو ان وقت تائين نٿو ٿي سگهي، جيستائين اتان جي ماڻهن کي ان معاملي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *