آرمي چيف 5 دهشتگردن جي ڦاهي جي منظوري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف صفوران چورنگي بس، صالح مسجد، سماجي ڪارڪن صبين محمود ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن ۾ ملوث القائده جي 5 دهشتگردن جي موت واري سزا ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، پنجن ئي دهشتگردن کي ڪنهن به وقت ڦاهي ڏئي سگهجي ٿي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف دهشتگردن کي فوجي عدالتن مان ٻڌايل موت واري سزا ۾ واڌ ڪئي آهي، دهشتگردن ۾ طاهر حسين منهاس ولد خادم حسين، سعد عزيز ولد عبدالعزيز شيخ، اسد رحمان ولد عتيق رحمان، حافظ ناصر ولد افضل احمد ۽ محمد اظهر عشرت ولد عشرت رشيد شامل آهن، دهشتگردن عدالت ۾ پنهنجن ڏوهن جو اعتراف ڪيو آهي، دهشتگرد طاهر حسين منهاس خلاف 10، اسد رحمان خلاف 4 الزام، جڏهن حافظ ناصر ۽ محمد اظهر عشرت خلاف 5-5 الزام تحت ڪيس هلايا ويا ۽ 5 ئي دهشتگردن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *