آرمي چيف 13 دهشتگردن جي موت جي پرواني تي صحيح ڪري ڇڏي

راولپنڊي(م.ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف 13 دهشتگردن کي موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، پاڪ فوج جي عام رابطن واري اداري آئي ايس پي آر جي پڌرائي مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف 13 دهشتگردن جي موت واري سزا تي عمل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، موت جي سزا مليل انهن دهشتگردن ۾ بخت امير،عزيز خان، فضل غفار، اصغر خان، اڪرام الله، حيدر، مشتاق احمد، محمد نواز، تاج گل ۽ هارون الرشيد شامل آهن، آئي ايس پي آر مطابق اهي دهشتگرد ناگا پربت تي پرڏيهي سياحن جي قتل، سيدو شريف ايئرپورٽ ۽ پاڪ فوج تي حملن ۾ ملوث هئا. ٻئي طرف آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز پاڪستان جي دفاعي صلاحيت وائڻ ۾ مثالي ڪردار ادا ڪري رهي آهي، نجي ٽي وي موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف آرڊيننس فيڪٽري واهه جو تفصيلي دوروڪيو، آئي ايس پي آڙ موجب آرمي چيف آپريشن ضرب عضب جي دوران اسلحي ۽ گوله بارود جي ضرورتن جي پورائي تي پي او ايف جي خدمتن جي ساراهه ڪندي اسلحي ۽ گوله بارود ۾ خود انحصاري جي لاءِ فيڪٽري جي تڪنيڪي آپ گريڊيشن تي زور ڏنو، چيئرمين واهه ليفٽيننٽ جنرل عمر محمود حيات فيڪٽري جي ڪارڪردگي کان آرمي چيف کي آگاهه ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *