آرمي چيف ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس اڄ طلب ڪري ورتي

راولپنڊي(م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف ماهوار ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس اڄ جنرل هيڊ ڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) ۾ طلب ڪري ورتي، پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر مطابق اڄ ٿيندڙ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس  4 فيبروري تي به جاري رهندي جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف برطانيه ۽ چين جي دوري بابت ڪور ڪمانڊرز کي اعتماد ۾ وٺندي جڏهن ته ڪانفرنس ۾ سيڪيورٽي صورتحال ۽ پيشيوراڻن معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *