آرمي چيف ڏکڻ وزيرستان جي دوري ۾ سينٽرل ٽريڊ ڪوريڊور شاهراه جو افتتاح ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (م.ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل رحيل شريف چيو آهي ته فاٽا جي متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم جاري رهندو آءِ ايس پي آر جي مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف آچر تي ڏکڻ وزيرستان جي دوري ۾ سينٽرل ٽريڊ ڪوريڊور شاهه جو افتتاح ڪري ڇڏيو سينٽرل ٽريڊ ڪوريڊور پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ اهم زميني رستو هوندو سينٽرل ٽريڊ ڪوريڊورفاٽا ۽ ڏکڻ خيبرپختونخواهه جي معيشت ۾ مددگار هوندو هن زميني رستي سان تجارت ۾ مدد ملندي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته آپريشن ضرب عضب منصوبي جي تحت ڪاميابي سان جاري آهي. متاثر علائقن جي بحالي جي قيام لاءِ حڪومت سان مشاورت کان پوءِ جامع منصوبو بڻايو ويو آهي انهن علائقن ۾ امن جو قيام ۽ استحڪام آندو ويندو. واضح رهي ته 700 ڪلوميٽر ڊگهو سينٽرل ٽريڊ مارڪ ڪوريڊور جو اڏاوت سان نه صرف علائقي ۾ واپار ۽ روزگار وڌندو پر هي رستو سفر جون بهترين سهولتون به فراهم ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *