آرمي چيف پاران پشاور ڪور جو دورو، دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪ فوج پر عزم آهي: جنرل قمر جاويد باجوا

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ملڪ ۾دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪ فوج پر عزم آهي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي ( آءِ ايس پي آر ) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پشاور ڪور هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي کيس موجودا سڪيورٽي صورتحال تي تفصيل سان بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف کي نون ضم ٿيل ضلعن ۾ ترقياتي ڪمن  ۽ پاڪ افغان دنگ تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ بابت به تفصيل سان بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف دهشتگردن خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي عزم کي ورجايو. آرمي چيف قبائلي ماڻهن، پاڪ فوج جي آفيسرن، اهلڪارن، ايف سي ۽  ليويز کي ڀيٽا پيش ڪندي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته شهيدن جون قربانيون زيان ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ پاڪستان جو مڪمل امن واپس آڻينداسين. آرمي چيف نون ضلعن ۾ سماجي ۽ معاشي منصوبا مڪمل ڪرڻ جي لاءِ بهترين ماحول فراهم ڪرڻ تي سڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي. ان کان اڳ آرمي چيف ڪور هيڊ ڪوارٽرز پهتو ته ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سندس آجيان ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *