
راولپنڊي(م.ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف لائن آف ڪنٽرول جي حاجي پير سيڪٽر تي مورچن جو دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف ايل او سي جي حاجي پير سيڪٽر تي مورچن جو دورو ڪيو جتي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال هن جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف ايل او سي جي صورتحال، آپريشنل تيارين ۽ فارميشن جي حوالي سان فارميشن ڪمانڊر بريفنگ ڏني. جنرل راحيل شريف مورچن تي مقرر فوجي اهلڪارن سان به ملاقات ڪئي جئين انهن جو حوصلا وڌائي سگهي. آرمي چيف فوجي جوانن جي حوصلي، عزم ۽ آپريشنل تيارين تي به اطمينان جو اظهار ڪيو.