آرمي چيف فوجي عدالتن جي ذريعي 6 دهشتگردن جي موت جي سزا جي توثيق ڪري ڇڏي

راولپنڊي(بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف فوجي عدالتن مان موت جي سزا ٻڌايل 6 دهشتگردن جي موت واري سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر مطابق فوجي عدالتن مان موت جي سزا ٻڌايل 6 دهشتگرد سنگين دهشتگردي جي وارداتن ۾ ملوث هئا جڏهن ته جوابدار معصوم انسانن کي ذبح ڪرڻ، خودڪش حملن ۽ انساني جان ۽ مال کي نقصان پهچائڻ ۾ ملوث هئا جڏهن ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف سمورن دهشتگردن جي موت جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي، پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل عاصم باجوه جو چوڻ آهي ته فوجي عدالتن مان موت جي سزا ٻڌايل 6 دهشتگردي فوجي عدالت جي فيصلي خلاف اپيلٽ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو حق رکن ٿا. –

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *