آرمي چيف سان ڏکڻ آفريقا جي هم منصب جي ملاقات، دفاعي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

راولپنڊي (م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ڏکڻ آفريقا جي آرمي چيف جي ملاقات، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويچار ۽ ٻنهي ملڪن ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سُڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڏکڻ آفريقا جي آرمي چيف جنرل هيڊڪوارٽرز راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي. خوشگوار ماحول ۾ ٿيل ان ملاقاتن ۾ ٻه طرفا ناتن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويچاريو ويو، ٻنهي هم منصبن جي ملاقات ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ڏکڻ آفريقا جي آرمي چيف دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي واکاڻيو، ڏکڻ آفريقا جي آرمي چيف دهشتگردي خلاف اتر وزيرستان ۾ جاري آپريشن ضرب عضب ۾ ڪاميابين تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي واڌايون ڏنيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *