آرمي چيف سان سعودي نائب دفاع واري وزير جي ملاقات، خطي جي صورتحال تي ڳالهيون

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان سعودي جي دفاع واري نائب وزير محمد بن عبدالله العيش ملاقات ڪئي آهي، ٻنهي اڳواڻن خطي جي سڪيورٽي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالههٻولهه ڪئي آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سعودي نائب دفاع واري وزير محمد بن عبدالله العيش سان ملاقات ۾ چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان گڏ ڀائيواري ۽ دفاعي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏيندو آهي، آرمي چيف حرمين شريفين ۽ سعودي عرب جي جاگرافيائي خودمختياري جي حفاظت جو عزم به دهرايو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ڳالهائيندي سعودي نائب دفاع واري وزير دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن، ڪاميابين ۽ قربانين کي ساراهيو، سعودي نائب دفاع واري وزير محمد بن عبدالله العيش عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف جي ڀرپور تائيد ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *