
راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان افغان سفير عمر زاخيل وال ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ طور خم بارڊر تي معمول جي ٽريفڪ بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف سان ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ خاص طور تي بارڊر مئنيجمينٽ وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته طور خم بارڊر تي معمول واري ٽريفڪ بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو به عزم ڪيو ويو.