
راولپنڊي (م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان آمريڪي خاص نمائندي رچرڊاولسن ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران خطي ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، آءِ پي ايس آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ افغانستان جي سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي آمريڪي نمائندي رچرڊاولسن دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي ڪوشش جي به ساراهه ڪئي.