آرمي چيف جي چين جي پرڏيهي وزير سان ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان چيني پرڏيهي وزير بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ چيني پرڏيهي وزير وچ ۾ بيجنگ ۾ ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ علائقائي امن ۽ مضبوطي تي ڳالهيون ڪيون ويون.  چيني پرڏيهي وزير چيو ته سي پيڪ کي حقيقت بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن ۽ پاڪستان جي مڪمل حمايت جاري رکنداسين. چيني پرڏيهي وزير امن امان جي حوالي سان پاڪستاني ڪاوشن جي تعريف ڪندي چيو ته علائقائي امن ۽ مضبوطي جي لاءِ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي.  آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ان موقعي تي چيو ته پاڪستان چين سان مضبوط دوستي کي ساراهي ٿو ۽ جوش ۽ جذبي سان ان دوستي کي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿو. آرمي چيف اهم مسئلن تي پاڪستان جي سفارتي حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *