
اسلام آباد (اين اين آءِ( نگران وزيراعظم ناصرالملڪ سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي پهرين ملاقات وزيراعظم آفيس ۾ ٿي جنهن ۾ پاڪ فوج جي سربراهه جسٽس (ر) ناصرالملڪ کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪو ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. نگران وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي ملاقات ۾ ملڪي سلامتي، پيشوراڻي امور ۽ ملڪي سياسي عمالن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي آرمي چيف پاران نگران وزيراعظم کي چونڊن جي سلسلي ۾ مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ياد رهي ته نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ وفاقي حڪومت کي آئيني مدت پوري ٿيڻ کان پوءِ وزيراعظم مقرر ڪيو ويو آهي.