آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن معطل، وفاقي وزير قانون فروغ نسيم عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد گڏيل پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد تصديق ڪئي ته قانون واري وزير فروغ نسيم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته فروغ نسيم آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان ڪيس وڙهندو، هو سڀاڻي اٽارني جنرل سان گڏجي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي حڪومتي موقف پيش ڪندو. وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته فروغ نسيم ڪيس جي پيروي لاءِ رضاڪاراڻا طور عهدي تي مستعفي ٿيو آهي. احتساب بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران فروغ نسيم جي حوالي سان ڪا به غير معمولي ڳالهه نه ٿي آهي. هن چيو ته ڪيس جي پيروي کانپوءِ فروغ نسيم ٻيهر ڪابينا جو حصو بڻجي سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي کانپوءِ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي سلسلي ۾ گهرجون پوريون نه ڪرڻ تي قانون واري وزير فروغ نسيم جي ڇنڊ پٽي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *