
راولپنڊي (اين اين آءِ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف قطر جي بچاءَ واري وزير ڊاڪٽر خالد بن محمد عطيا خميس تي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران بچاءَ ۽ سيڪيورٽي شعبي ۾ تعاون سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي غور ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر موجب قطر جي بچاءَ واري وزير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو اعتراف ڪندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششن کي سارهيو. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو اچڻ تي قطر جي وزير يادگار شهدا تي گلن جي چادر چاڙهي، ان موقعي تي پاڪستان آرمي جي ڦڙت جٿي قطر جي وزير کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو.