آرمي چيف جي انڊونيشي هم منصب سان ملاقات

جڪارتا (م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف انڊونيشيا جي چيف آ“ آرمي اسٽاف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ علاقائي سلامتي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويچاريو ويو. پاڪ فوج جي سُڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف جڪارتا ۾ انڊونيشين آرمي هيڊڪوارٽر جو دوروڪيو. ان موقعي تي کيس گارڊ آف آنر ڏنو ويو، بعد ۾ آرمي چيف پنهنجي انڊونيشيائي هم منصب سان ملاقات ڪئي ۽ علاقائي سلامتي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويچاريو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ملاقات دوران دهشتگردي خلاف جنگ تي ڳالهايو ۽ پاڪستاني فوج جي ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي فوجي ناتن تي به ڳالهايو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف انڊونيشيا جي پيس اينڊ سيڪيورٽي سينٽر جو به دورو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *