آرمي چيف جي افغان صدر سان ملاقات، شوال حملي جي جوابدارن خلاف گڏيل ڪارروائي تي اتفاق

ڪابل (م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ افغان صدر اشرف غني ملاقات ڪري سيڪيورٽي صورتحال ۽ شوال حملي جي جوابدارن خلاف گڏيل ڪارروائي تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪ جي ترجمان ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر ليفٽيننٽ عاصم سليم باجوه پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، آرمي چيف جنرل راحيل شريف تاجڪستان کان واپسي تي ڪابل جو مختصر دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪابل جي مختصر دوري دوران افغان صدر اشرف غني ۽ آمريڪي فوج جي عملدارن سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ٻنهي اڳواڻن پاران خطي جي سيڪيورٽي صورتحال، بارڊر مئنيجمنٽ ۽ شوال حملي جي جوابدارن خلاف گڏيل ڪارروائي ڪرڻ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف، اشرف غني کي افغان مفاهمتي عمل ۾ سهڪار جي خاطري، جڏهن ته  صدر اشرف غني پاران خطي جي استحڪام ۾ پاڪستاني ڪردار جي واکاڻ ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *