آرمي چيف جو پي آءِ اي عملي جو اڏامن دوران ڪرونا جو شڪار ٿيڻ تي سڄي ملڪ جي سي ايم ايڇ ۾ علاج جو علان

اسلام آباد (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجود پي آءِ اي جو اڏامن دوران ڪرونا جو شڪار ٿيڻ تي سي ايم ايڇ ۾ علاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، پي آءِ اي جي عملي جو سڄي ملڪ ۾ قائم ڪمبائيڊ مليٽري اسپتالن ۾ آئيسوليشن وارڊز ۾ علاج ڪيو ويندو، هوائي فوج جي سربراهه مجاهد انور خان پي آءِ اي جي عملي کي اڏامن تي پهچائڻ لاءِ سي 130 ڪارگو جهازن ۾ سيٽون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ملڪ اندر اڏامون نه هئڻ سبب پي آءِ اي جو هوائي عملو مختلف شهرن ۾ ڦاسي پيو هو، سي اي او پي آءِ اي ايئر مارشل ارشد ملڪ زميني ۽ هوائي سربراهن پاران علاج جو اعلان ڪرڻ شڪريو ادا ڪيو. ارشد ملڪ چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ سمورن ادارن جو گڏيل تعاون قومي طاقت جو سبب بڻجي ٿو، پي آءِ اي ٻاهرين ملڪن ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ لاءِ خطرن جي باوجود اڏامون هلائي رهيو آهي، اڃا تائين 24 هزار کان وڌيڪ ماڻهو واپس گهرن ڏانهن پهچي چڪا آهن، هن چيو ته پي آءِ اي آخري پاڪستاني کي واپس اڻڻ تائين حڪومت جي اجازت سان آپريشن جاري رکندو. پي آءِ اي پنهنجن وطن واسين جا مڙهه به واپس آڻيندو، هن چيو ته اسان کي ان مشن ۾ سمورن ۽ قومي ادارن جي مڪمل مدد حاصل آهي، سڀني جي خلوص جا ٿورائتا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *