آرمي چيف جو فيصلو حڪومت لاءِ واضح پيغام آهي: سراج الحق

لاهور (م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو ڪرپشن الزام ۾ فوجي آفيسرن کي معطل ڪرڻ جو فيصلو حڪومت لاءِ واضح پيغام آهي، ٻين ادارن کي به اهڙي ريت ڪم ڪرڻ گهرجي، خانگي ٽي وي نيوز چينل سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سراج الحق جو چوڻ هو ته ڪرپشن ۽ پاڪستان گڏ گڏ نٿا هلي سگهن، آرمي چيف جي فيصلي سان خوش آهيون، سندس چوڻ هو ته حڪومت پاناما ليڪس تي ڪميشن ٺاهڻ واري معاملي تي به منجهيل آهي، جج کي ڳچي کان پڪڙي سربراهه نٿو ٺاهي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *