آرمي چيف جو عهدو تڪراري نٿا بڻائڻ چاهيون، ن ليگ حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) حڪومت آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي حوالي سان ترميمي بِل تي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اپوزيشن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. نواز ليگ ترميمي بِل جي غيرمشروط حمايت ڪري ڇڏي. آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري ترميمي ايڪٽ تي اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ وفاقي سرڪار طرفان ڪميٽي جوڙي وئي هئي. وفاقي وزير پرويز خٽڪ جي سربراهيءَ ۾ شبلي فراز ۽ اعظم سواتي تي ٻڌل ڪميٽي ميمبرز اپوزيشن ليڊر جي چئمبر ۾ نواز ليگ اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران نواز ليگ طرفان خواجه آصف، اياز صادق ۽ رانا تنوير موجود هئا. ذريعن موجب ملاقات ۾ حڪومت طرفان نواز ليگ کي آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ بعد حمايت ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته ترميمي بِل تي اپوزيشن سان رابطا جاري آهن. نواز ليگ اڳواڻ مشاهد الله خان چيو آهي ته سندن جماعت آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري ترميمي بِل جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي نواز ليگي ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز ليگ جي لنڊن ۾ موجود قيادت بِل جي حمايت تي اتفاق ڪيو ويو، اُن کانپوءِ اهڙو پيغام پاڪستان ۾ موجود قيادت ۽ اڳواڻن تائين پهچايو ويو آهي. ذريعن موجب بِل جي معاملي تي نواز ليگي قيادت جو موقف آهي ته سندن جماعت آرمي چيف جي عهدي کي تڪراري نٿي بڻائڻ گهري، تنهن ڪري بِل جي غير مشروط حمايت ڪئي ويندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *