آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي خدمتون سڀني کي ياد رهنديون: اعتزاز احسن

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي خدمتون سڀني کي ياد رهنديون. اعتزاز احسن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته راحيل شريف بهترين آرمي چيف رهيو آهي، جنگ ۾ گهري فوج جو راحيل شريف ڪنڌ اٿاريو آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته مدو پورو ٿيڻ تي ريٽائرمينٽ وٺڻ سڄي روايت آهي. تحريڪ انصاف طرفان وڪيل جي پيشڪشن واري سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ عدالت ۾ سٺي راند کيڏي رهي آهي، حامد خان ڪيس کي صحيح انداز ۾ فارورڊ ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ثبوت ته حڪومت کي پيش ڪرڻا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *