آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽر جو دورو

راولپنڊي (م.ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف اڱاري ڏينهن انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو. آءِ ايس آءِ جي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي آءِ ايس آءِ جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر آرمي چيف جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف کي ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. آرمي چيف ملڪ جي قومي سلامتي بابت آءِ ايس آءِ جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ ان جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين جي پڻ تعريف ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *