آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جو چاليهو ملهايو ويو، خاص تقريبون ڪوٺايون ويون، ڪي پي ڪي ۾ عام موڪل

پشاور (م.ڊ) قوم کي هڪ ڪري ويندڙ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيد ٻارڙن جو چاليهو ٿي گذريو، خيبرپختونخواهه جي حڪومت صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته پوري ملڪ ۾ معصوم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ خاص تقريبون ٿيون، معصوم شهيدن جي قرباني رائيگان نه وڃي دهشتگردن خلاف عزم ڪڏهن به ختم نه ٿئي ان ئي جذبي سان پشاور سانحي جي شهيدن جو چاليهو ملهايو ويو، 16 ڊسمبر تي بزدل دهشتگردن پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول کي نشانو بڻايو تقريبن 150 معصوم شاگرد ۽ استاد دهشتگردن جو نشانو بڻجي ويا، پوري دنيا حيران ٿي وئي ته ڇا انسان ايتري حد تائين به ڪري سگهي ٿو جو ٻارن کي به پنهنجي وحشي جنون جو نشانو بڻائي ڇڏي؟ پر ان عظيم سانحي مختلف سوچن ۾ ورهايل ماڻهن کي متحد قوم ۾ بدلائي ڇڏيو ان جنهن جي صرف هڪ سوچ هئي. آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي چاليهي تيخيبرپختونخواهه ۾ عام موڪل رهي، صوبي ۾ سموريون سرڪاري آفيسون، نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارا بند   هئا، شهيدن جي چاليهي جي مرڪزي تقريب وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي ان سان گڏ ملڪ جي ٻين حصن ۾ به خصوصي تقريبون منعقد ڪيون ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *