آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ ملوث اهم دهشتگرد تاج محمد عرف رضوان کي گرفتار ڪيو ويو آهي: آئي ايس پي آر

راولپنڊي (بيورو) فوج جي سڌسماءَ جي شعبي آئي ايس پي آر جي ترجمان مطابق آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ ملوث اهم دهشتگرد تاج محمد عرف رضوان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. آئي ايس پي آر جي پڌرائي موجب دهشتگرد تاج محمد کي ڳجهن ادارن جي اطلاع تي گرفتار ڪيو ويو. وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته تاج محمد اي پي ايس حملي جي ٻئي گروپ جوڪمانڊر هو. ترجمان وضاحت ڪندي ڄاڻايو ته حملي ڪندڙ پهرين گروپ جو دهشتگرد عتيق الرحمان اڳ ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي. ترجمان مطابق تاج محمد کي خيبرايجنسي جي هڪ ڀرپاسي جي ڳوٺ ۾ آئي ڊي پي بڻجي رهي رهيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *