آدم شماري سوڌو سي سي آءِ جي تڪراري فيصلن کي پارليامينٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي تھ وفاقي وزيرن جون ڳالهيون سمجهه کان ٻاهر آهن، سنڌ حڪومت پنهنجي ڪمن سان ثابت ڪندي ته عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون، ڪراچي ۾ سڄي رات برسات جاري رهي، شهر ۾ ڪٿي به پاڻي بيٺل نه آهي.  وڏي وزير مراد علي شاهه آدم شماري سوڌو سي سي آءِ جي تڪراري فيصلن کي پارليامينٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي،  ڊائو يونيورسٽي ڪراچي ۾ گاما نائيف سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران وڏي وزير چيو آهي ته مخالف ڀلي تنقيد ڪن پر هڪ ڏينهن کين شرمسار ٿيڻو پوندو. وڏي وزير چيو تھ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وسيلا گهٽ آهن، سنڌ کي مالياتي ايوارڊ ۾ پاڻڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، عمر شريف ملڪ جو اثاثو آهي، کيس علاج لاءِ پئسا ڏئي ٿورو ناهي ڪيو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *