آدمشماري 18 سالن کان ناهي ٿي، بروقت آدمشماري جي حق ۾ آهيون: وڏو وزير

خيرپور (ڊ ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه گمبٽ ۾ 917 ملين جي لاڳت سان جگر جي پيوندڪاريءَ واري سينٽر جو افتتاح ڪندي گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته هاڻ سنڌ ۾ ڪاري ڪامڻ جي مريضن جي ٽرانسپلانٽيشن مفت ۾ ڪئي ويندي. لور ٽرانسپلانٽيشن سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ڪاري ڪامڻ هن وقت سنڌ صوبي ۾ وبائي صورت اختيار ڪري چڪو آهي،هن لور ٽرانسپلانٽيشن سينٽر ذريعي غريب ۽ بي پهچ مريضن جو مفت علاج ڪيو ويندو، هر ٽرانسپلانٽيشن تي 60-70 لک خرچ اچن  ٿا، پر هاڻي هن سينٽر جي ٺهڻ سان اها سهولت صوبي ۾ ممڪن ٿي سگهي آهي، هر ماڻهو ڀارت يا يورپي ملڪن مان جگر جي پيوندڪاري جو خرچ برداشت نه پئي ڪري سگهيو. وزيراعليٰ سنڌ وڌيڪ چيو ته اهو ڪنهن سنگ ميل کان گهٽ نه آهي جو گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ هڪ ئي هنڌ غريب ماڻهن جو مفت دل جا آپريشن، گڙدن جي پيوندڪاري، اينجيوگرافي ۽ هاڻ جگر جي پيوندڪاري ٿي رهي آهي، جڏهن ته هتي 4 هزار ماڻهن جو او پي ڊي ۾ علاج ٿي رهيو آهي. وزيراعليٰ سنڌ ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي جي ڏکي انسانيت لاءِ ڪيل خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو غريب عوام جي اميدن تي پورا لٿا آهن. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته سنڌ حڪومت صحت ۽ تعليم جي شعبن کي اوليت بنيادن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڪارڊيو سينٽر ڪراچي جو انتظام سنڌ سرڪار سنڀالي ورتو آهي جنهن تي 8 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن ۽ 15 ماڙ عمارت تعمير ڪرائي پئي وڃي، جتي دل جي مريضن جو مفت علاج ۽ آپريشن ڪيو ويندو. وزيراعليٰ سنڌ جرمن ماهرن جي ٽيم پاران هن نوبل ڪاز ۾ حصو وٺڻ تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جا فنڊ ايندڙ مالي سال ۾ وڌايا ويندا، جڏهن ته اداري جون سڀ ضرورتون پوريون ڪيون وينديون. تقريب کي خطاب ڪندي صحت واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو ته اڄ نه جسم جي هڪ نازڪ حصي جي پيوندڪاريءَ وارو سينٽر پنهنجو مٽ پاڻ ۽ ملڪ جي پبلڪ سيڪٽر ۾ پهريون ادارو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي مالي مدد ۽ سهڪار کانسواءِ ممڪن نه هو. هُن ڊاڪٽر ڀٽي ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو جنهن ڇهن مهينن جي مختصر عرصي دوران هن پروجيڪٽ کي مڪمل ڪيو. گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي آجياڻي تقرير ۾ ٻڌايو ته سندن مستقبل جي منصوبن ۾ ڪينسر اسپتال ۽ آرٿو پيڊڪ سينٽر شامل آهن، ڊسپينسري مان شروع ڪيل هيءَ اسپتال اڄ پنهنجو مٽ پاڻ ميڊيڪل سائنسز جو ادارو بڻجي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته گمبٽ کي هيلٿ سٽي ڊڪليئر ڪري اُن لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي ته جيئن هتي سنڌ صوبي جي ماڻهن کي صحت جون جديد سهولتون مفت مهيا ٿي سگهن. ڊاڪٽر ڀٽي ٻڌايو ته لور ٽرانسپلانٽيشن سينٽر جي ڪل لاڳت 917 ملين آهي، سنڌ سرڪار 300 ملين جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان کان اڳ 8-رڪني جرمن ڊاڪٽرن واري ٽيم جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر بيڪر وزيراعليٰ سنڌ کي لور ٽرانسپلانٽيشن بابت تفصيلي پرزنٽيشن ڏني ۽ چيو ته هو ٻن سالن تائين اداري ۾ رهندا ۽ ٽيچنگ اسٽاف گمبٽ اسپتال جي ڊاڪٽرن کي سکيا پڻ ڏنو. وزيراعليٰ سنڌ گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جا مختلف وارڊ ۽ شعبا گهمي ڏٺا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو ته آدمشماري 18 سالن کان ناهي ٿي، وفاق ۽ سنڌ سرڪار چاهي ٿي ته وقت سر آدمشماري ٿئي، پر 2 صوبا دلچسپي نه ٿا رکن ان لاءِ آدمشماري کي پٺتي ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪ فوج ضرب عضب آپريشن ۾ مصروف آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعليٰ سنڌ چيو ته وفاقي حڪومت سان پاڻي، بجلي ۽ گئس جي مسئلن تي تحفظات آهن، جيڪي مسئلا گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کنيا ويندا، سي سي آءِ اجلاس آئين مطابق 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ ضروري آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ آباديءَ جي شرح وڌيڪ آهي ان حساب سان وفاق کي سنڌ جو حصو ڏيڻ گهرجي. بعد ۾ وزيراعليٰ سنڌ گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ لور ٽرانسپلانٽيشن جي رهائشي بلاڪ جو افتتاح پڻ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *