آدمشماري سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، دير برداشت نه ڪنداسين: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته آدمشماري سنڌ صوبي لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي ۽ اسان وفاقي حڪومت کي آدمشماري ۾ دير ڪرڻ جي بلڪل به اجازت نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار سومر ڏينهن مسلم ليگ فنڪشنل جي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي جي اڳواڻي ۾ دانشورن جي وفد سان ملاقات جي دوران ڪيو. وفد ۾ مسلم ليگ (نواز) جو حاجي شفيع ڄاموٽ، قومپرست اڳواڻ سيد غلام شاهه، سماجي ورڪرز ذوالفقار هاليپوٽو ۽ جاويد قاضي شامل هئا. ان موقعي تي سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، وڏي وزير جو خاص معاون وقار مهدي، نجمي عالم، ڪمشنر ڪراچي آصف حيدر شاهه ۽ ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر به ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات لاءِ آيل وفد ميمبرن جو چوڻ هو ته آدمشماري لاءِ ٺاهيل سينسس ڪميشن ۾ سنڌ کي ڪابه نمائندگي ناهي ڏني وئي ۽ انڪري هنن سنڌ جي وڏي وزير کي ان معاملي کي سي سي آءِ ۾ اٿارڻ جي درخواست ڪئي. جنهن تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وفد کي ٻڌايو ته گذريل نون مهينن کان سي سي آءِ جو اجلاس ناهي سڏايو ويو ۽ هن وفاق کي ٽي ڀيرا  خط لکيو آهي ته فوري طور تي سي سي آءِ جو هڪ به اجلاس گهرايو وڃي ته جيئن اڻ نبيريل معاملن تي تفصيلي بحث مباحثو ٿي سگهي، پر کين انهن خطن جو ڪوبه جواب ناهي ڏنو ويو. پر هاڻي مون سوچيو آهي ته هن ڀيري چوٿون خط سڌو وزير اعظم کي لکندس ۽ هو وڏو مهربان آهي ۽ ان معاملي جي نوعيت کي ضرور سمجهندو. وڏي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته هن آدمشماريءَ لاءِ وارڊ ڪميٽيون جوڙي ورتيون آهن. هن سمورين سياسي پارٽين تي زور ڀريندي چيو ته هو اسان جي ڪميٽين سان رابطي ۾ رهن ۽ انهيءَ معاملي جي حوالي سان اسان کي پنهنجي راءِ سان آگاهه ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان 21 فيبروري تي آدمشماريءَ جھڙي معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي وئي آهي جنهن ۾ قومپرستن سميت سمورين سياسي پارٽين دعوت ڏني وئي آهي. وفد جي ممبرن ۽ وڏي وزير ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته وفاقي حڪومت کي آدمشماري ۾ دير ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏني وڃي. هنن هڪ وفاقي وزير جي ان بيان جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ هن چيو هو ته آدمشماري ۾ دير ڪرڻ سان آسمان نه ڪري پوندو. هنن اهڙي بيان کي ٻاراڻو قرار ڏيندي چيو ته آسمان واقعي به ڪري پوندو جيڪڏهن آدمشماري جهڙي اهم معاملي ۾ وڌيڪ دير ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو ۽ ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي تي ٻڌل ٻه رڪني ڪميٽي به ٺاهي ته جيئن سمورين پارلياماني پارٽين کي آدمشماري معاملي تي اعتماد ۾ ورتو وڃي. هن چيو ته اسان جو مقصد اهو آهي ته آدمشماري ايمانداري سان وقت اندر ٿئي ڇو ته اهو معاملو سنڌ جي عوام لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *