آدمشماري سان سنڌ کي فائدو پهچندو، مخالفت اجائي آهي: وڏو وزير

سانگهڙ(ڊ.ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته  گڏيل مفادن واري ڪائونسل ملڪ ۾ آدمشماري اڻ ڄاتل مدي تائين نه پر ڊسمبر 2016  تائين ملتوي ڪئي آهي، جنهن جو مک سبب ضرب عضب آپريشن آهي، جنهن سبب  پاڪ آرمي مصروف آهي ۽ ڇاڪاڻ ته اسان پاڪ آرمي جي نگراني ۾ چونڊون ڪرائڻ چاهيون ٿا. هن دعويٰ ڪئي ته  ڪراچي ۾ اڳ صرف هڪ سياسي پارٽي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندي هئي پر تازين مقاني چونڊن ۾ پي پي پي ڪراچي ۾ 50 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ مستقبل جي چونڊن ۾ سنڌ سميت ڪراچي ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي،هن اهڙو اظهار اڄ ضلعي سانگهڙ جي کپرو شهر ۾ خصوصي معاون علي حسن هنگورجو جي رهائشگاهه تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 4 اپريل تي ٿيندڙ ورسي جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايل هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. سيد قائم علي شاهه چيو ته وزير اعظم ميان نواز شريف وعدو ڪيو آهي ته آدمشماري ڊسمبر 2016 ۾ آدمشماري ڪرائي ويندي. آدمشماري جي حوالي سان اسان سنڌ جي 32 پارٽين کي گهرائي صلاح مصلحت ڪئي جنهن کان پوءِ اهي آدمشماري جي حوالي سان متحرڪ ٿيا هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي وزير اعليٰ  جي حيثيت سان ڀرپور احتجاج ڪيو ته آدمشماري ملتوي نه ڪئي وڃي پر ٻه صوبا ۽ مرڪز مخالفت ڪري ويهي رهيا، هن چيو ته آدمشماري سان سنڌ کي فائدو پهچندو   اجائي مخالفت نه ڪئي وڃي، هن چيو ته اڇڙي ٿر نه وساريو آهي نه ئي ڪڏهن وساري سگهون ٿا. جڏهن ته اڇڙي ٿر  توڙي ٿرپارڪر ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن مٺي جي سول اسپتال ۾ علاج جون سموريون سهولتون ڏنيون ويون آهي اسان تي اجائي تنقيد ڪئي پئي  اڇڙي ٿر ۾ مٺي پڇاڻي جون اسڪيمون ۽ سولر پلانٽ لڳايا ويا آهن  تعلقي اسپتال کپرو کي مثالي اسپتال ٺاهينداسين ۽ ٽائون ڪاميٽي کپرو کي ميونسپل ڪاميٽي ٺاهڻ لاءِ چونڊيل نمائندا سفارشون ڪن جن ۾ آبادي جي شرح پڻ شامل ڪئي وڃي  کپرو کي فائر برگيڊ گاڏي ڏني ويندي  هن چيو ته ٿر ۾ 400 واٽر پلان ٽ لڳايا آهن ۽ وڌيڪ 400 پلانٽ پڻ لڳايا ويندا جنهنن سان ٿرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪيو ويندو هن چيو ته  سانگهڙ کي ترقياتي ڪمن جي سخت ضرورت آهي جنهن لاءِ خصوصي پيڪيج ڏنو ويندو  جڏهن ته کپرو لاءِ ڊرينيج ۽ واٽر سپلائي سڪيم پڻ تمام جلد ڏنو ويندي. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سانگهڙ ۾ پي پي پي جي ڪاميابي عوامي خدمت جو نتيجو آهي  ۽ مستقبل ۾ پڻ سانگهڙ جي عوام کي مراعاتون ڏنيون وينديون، هن چيو ته تازو ئي سنڌ حڪومت سانگهڙ لاءِ 42 ڪروڙ روپين جي خرچ سان گئس منصوبي جو اعلان ڪيو آهي  هن چيو ته سنڌ حڪومت 2 لک نوجوانن کي روزگار ڏنو ۽ هڪ لک 60 هزار نوجوانن کي تربيت ڏيون پيا جن کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ روزگار ڏياريو ويندو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙو اڳواڻ صدين ۾ جنم وٺندو آهي هن مسلمان ملڪن کي گڏ ڪيو ۽ انهن جي ترقي جي ڳالهه ڪئي . هن چيو ته 4 اپريل تي سندس ورسي ۾ سنڌ جو عوام ڀرپور شرڪت ڪري اهو ثابت ڪندو ته عوام اڄ به ڀٽو کي دلين ۾ جايون ڏئي ٿو.  هن چيو ته پي پي پي سانگهڙ جي مقاني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته پي پي يي ئي ملڪ جي واحد عوامي پارٽي آهي ۽ اسان ڪڏهن به انتقامي ڪاروائين تي يقين نه رکيو آهي اهو ئي ڪارڻ اهي جو اڄ عوام پي پي پي کي دلين ۾ جايون ڏئي ٿو. ان موقعي تي  پي پي پي سانگهڙ جي ضلعي صدر علي حسن هنگورجو، ايم اين اي شازيه عطا مري، روشن جوڻيجو، صوبائي وزير ناصر شاهه، صوبائي صلاحڪار علي اصغر جوڻيجو، سهراب خان مري،  سيد رياض شاهه خراساني، ايم پي اي ضياءُالحسن لنجار، شاهد ٿهيم، پي پي پي اڳواڻ سرفراز راڄڙ، جهانگير جوڻيجو، محمد خان جوڻيجو، وارث محمد درس، ايوب وساڻ ، علي حيدر هنگورجو، علي محمد کوسو، امان الله مري، سردار فاروق بلوچ، نثار وساڻ، عبالڪريم مري، وسيم قائمخاني، وسيم عمراڻي، علي محمد بريهي، علي مراد راڄڙ، تاج محمد هنگورجو،نور احمد ڀرڳڙي، نويد ڏيرو، امير بخش عمراڻي , ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ عمر فاروق بلو  ۽ ٻيا پڻ موجوس هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *