آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري رهندو : وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري رهندو ۽ رينجرز ۽ سنڌ پوليس جي وڏي ڪاميابي آهي ته شهر ۾ امن جو قيام ممڪن ٿيو آهي ۽ هاڻ اسان ديرپا امن امان لاءِ ڪوشان آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ اربع ڏينهن ڊائريڪٽر جنرل رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات جي دوران ڪيو. ان ملاقات دوران ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر سنڌ جي وڏي وزير دهشتگردن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريش، لياري آپريشن ۽ شهر ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني. سنڌ جي وڏي وزير شهر ۾ امن مان جي بحاليءَ جي حوالي سان رينجرز جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته هاڻ ان امن امان جي فضا کي برقرار رکڻ ئي اصل چيلنج آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حساس ادارن جي سهڪار سان شهر جي مختلف علائقن مان دهشتگرديءَ جي خاتمي جي حوالي سان زبردست ڪاميابيون حاصل ڪيو آهن. سنڌ جي وڏي وزير ڊي جي رينجرز کي سڀاڻي خميس ڏينهن (7 اپريل) تي ڪراچي جي اين اي 245 ۽ پي ايس 115 ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊن جي موقعي تي امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *