آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو : سياسي ۽ عسڪري قيادت

اسلام آباد (بيورو) سياسي ۽ عسڪري قيادت ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ ڀيرو وري ڀرپور عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو، پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، ڪنهن ٻئي ملڪ جي معاملن ۾ مداخلت نٿا ڪريون نه ئي ڪنهن کي پنهنجي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت ڏينداسين، پاڪستان ۾ دهشتگردي يا دهشتگردن جي مدد جي ڏيهي، پرڏيهي ڪوششن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. ان ڳالهه جو اظهار وزيراعظم نواز شريف سان آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. ملاقات ۾ قومي سلامتي، ڏيهي پرڏيهي صورتحال، واهگا سانحي سميت دهشتگردي جي ڪجهه هاڻوڪي واقعن، آپريشن ضرب عضب، آرمي چيف جي 6 1 نومبر کان ڄاڻايل آمريڪي دوري سميت ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهايو ويو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ حڪومت ۽ فوج سان گڏ آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف قومي سلامتي جي تمام ادارن کي پنهنجي گڏيل رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو پوندو. دهشتگردي خلاف قومي اداري کي جلد کان جلد فعال ڪيو ويندو. ملاقات ۾ واهگا سانحي تي به تفصيلي ڳالهايو ويو، آرمي چيف ان حوالي سان وزيراعظم کي ڪجهه اهم انٽيليجنس رپورٽن کان به آگاهه ڪيو. آرمي چيف وزيراعظم کي آپريشن ضرب عضب ۾ ٿيل پيشرفت کان به آگاهه ڪندي ٻڌايو ته دهشتگردن جا اٽڪل تمام اهم ٺڪاڻا تباهه ڪري سندن چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، ڪجهه علائقن ۾ سندن طرفان مزاحمت کي به ختم ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪ فوج جي جوانن ۽ آفيسرن طرفان ڏنل قربانين کي ڀيٽا ڏيندي چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي سندن قربانين تي سلام ڪري ٿي. آرمي چيف وزيراعظم کي 6 1 نومبر کان شروع ٿيندڙ ڄاڻايل آمريڪي دوري جي حوالي سان به اعتماد ۾ ورتو ۽ ٻڌايو ته ان دوري دوران ڪهڙن معاملن تي آمريڪي فوجي قيادت سان ڳالهائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *