آباد جو اڳوڻو چيئرمين بابر چغتائي گرفتار، رابطا ڪميٽي جي مذمت، انتقامي ڪارروائي قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آباد جي اڳوڻي چيئرمين بابت چغتائي کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گرفتار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب بابت چغتائي تي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ لينڊ مافيا جي مدد جو الزام آهي. بابر چغتائي کي جانچ لاءِ نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بابر چغتائي جي گهر ڀاتين جو چوڻ هو ته بابر چغتائي کي ٻه ڏينهن اڳ گهر تي ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو چوڻ هو ته بابر چغتائي جي گرفتاري کلي انتقامي ڪارروائي آهي، کيس ايم ڪيو ايم کي چندو ڏيڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو آهي ته بابر چغتائي ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڇا ڪنهن بزنس مين جو سياسي پارٽي يا اُن جي فلالحي اداري کي چندو ڏيڻ ڏوهه آهي؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *