آبادگارن ۽ مختلف تنظيمن جو اجلاس، ڪمند جي مقرر ڪيل اگهه 182 روپين تي عمل ڪرائڻ جو مطالبو

حيدرآباد (بيورو)  سنڌ جي آبادگارن، قومپرست، سياسي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته ڪمند جو 182 رپيا في مل اگھ مقرر ڪرڻ واري نوٽيفڪيشن تي عمل درآمد ڪرائي شگرملون شروع ڪرايون وڃن ٻي صورت ۾ آبادگارن ۽ سمورين سياسي پارٽين پاران ڀرپور احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو ويندو. حيدرآباد ۾ مگسي هائوس تي راحيله گل مگسي جي ميزباني هيٺ آبادگارن ۽ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم، لياقت جتوئي، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر الاهي بخش سومرو، ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، اعجاز شاهه شيرازي، سيد زين شاهه، نصرت سحر عباسي، آبادگار اڳواڻن عبدالمجيد نظاماڻي، ذوالفقار يوسفاڻي، شفقت شاهه شيرازي، سردار شهريار مهر، ايم ڪيو ايم جي غازي صلاح الدين، راشد خلجي، اشفاق منگي، نواب غني ٽالپر سميت مسلم ليگ ن سنڌ جي نائب صدر شاهه محمد شاهه، تحريڪ انصاف جي ايم پي اي سيد حفيظ الدين، چيمبر آف ڪامرس جي گوهر الله ، مير اعجاز ٽالپر، پير سجاد جان سرهندي ۽ ٻين سوين آبادگارن توڙي هارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو ته ٽن ڏينهن ۾ جيڪڏهن حڪمرانن ڪمند جو اگهه مقرر ڪيل اگهه تي نه ورتو ۽ شگر ملون نه هلايون ويون ته وڌيڪ لائحيه عمل جوڙيو ويندو. هن چيو ته زراعت ريڙهه جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي، سنڌ جون 17 شگر ملون هڪ ئي مالڪ جون آهن، شگر ملون قانون مطابق پهرين آڪٽوبر کان هلائڻ گهرجن. هن چيو ته سندس وڏ وزارت جي دور ۾ شگر مل مالڪن ۽ آبادگارن وچ ۾ اگهه بابت پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کي حل ڪرڻ لاءِ سخت قدم کنيا هئا ۽ ان دوران شگر مل مالڪن پاران سرڪار جي مقرر ڪيل اگهه تي ڪمند خريد نه ڪرڻ تي شگر مل مالڪن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته هاڻ حڪمرانن جي هڪ سازش تحت مقرر ڪيل اگهه ڪمند خريد نه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ اندر هم آهنگي ۽ ڀائچاري واري صورتحال کي قائم رکندي سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ تي سمورين سياسي، قومپرست ۽ مذهبي پارٽين سميت آبادگار ۽ هاري گڏ آهن.سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سرڪار اسان سڀني جي خلاف نفسياتي جنگ ڪري رهي آهي، شروع ۾ ڪمند جي معاملي تي اگهه جو مطالبو وڌيڪ ڪيو ويو هو، جنهن تي اهو چيو ويو ته 300 روپيا مڻ ڪاٺيون وڪرو ٿي رهيون آهن، ان ڪري سستي اگهه تي ڪمند نه ڏينداسين. هن چيو ته جڏهن سرڪار پنهنجي ڪميشن مقرر ڪري ٺاهيل اگهه جاري ڪيو ۽ هاڻ اسان به ان حڪمرانن جي ٺاهيل اگهه جي گهر ڪري رهيا آهيون، ان تي اسان سڀني کي سوچڻ جي ضرورت آهي، اسان سڀ اتحاد ۽ مضبوطي سان پنهنجي حق کي مڃرايون. هن چيو ته سنڌ ۾ بصر، مرچ، سارين، ڦٽين کان وٺي هر زرعي فصل جو اگهه تمام گهٽ آبادگارن کي ملي ٿو، ان سڄي مصيبت مان نڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد جي ضرورت آهي، سنڌ جي آبادگارن طرفان جيڪا به جدوجهد شروع ڪئي ويندي ان ۾ اسان گڏ آهيون. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن جي هر حق لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين گڏ رهنداسين. هن چيو ته سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ان سازش کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ مزاحمت جي ضرورت آهي.  قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي چيو ته ڪمند جو اگهه ۽ شگر ملن کي هلرائڻ لاءِ باقائدا احتجاجي تحريڪ هلائيندي سنڌ اسيمبلي جو گهراءُ ڪيو وڃي، سنڌ ۾ شٽربند هڙتال ڪرڻ کپن، سنڌ جا سمورا هاءِ ويز بند ڪيا وڃن. هن چيو ته آصف علي زرداري جي 17 هن شگر ملن جو گهراءُ ڪيو وڃي، آصف علي زرداري سوني ڪڪڙ کي ڪهڻ کان پاسو ڪري، آبادگارن سان ناانصافي ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ ۾ انارڪي پيدا ٿيندي ۽ سنڌ حڪومت جو هلڻ مشڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪمند سارين، ڪپهه، مرچن سميت سمورن ذريعي فصلن ۾ آبادگارن سان ظلم ڪيو پيو وڃي، اها سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ جي سازش آهي.جيئي سنڌ قومي محاذ جي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ جي سمورن وسيلن جا مالڪ سنڌي آهن، حڪمرانن پاران ڪيل سنڌ دشمن فيصلي تي عمل نه ٿيڻ خلاف اڄ جيڪي گڏ ٿيا آهن، اهي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪن ۽ ان سان گڏ ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس سامهون ڌرڻو هڻن. هن چيو ته سنڌ جي تيل، گيس ۽ فيڪٽرين جو مالڪ ڌارين کي ڪيو ويو آهي، پنجاب سنڌ جو استحصال ڪري رهيو آهي، هڪ سازش تحت سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪري رهيو آهي.مسلم ليگ فنڪشنل جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو ته فنڪشنل ليگ سنڌ جي مسئلن سميت آبادگارن لاءِ آواز بلند ڪيو آهي، اڄ آبادگار پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ رڙيون ڪرڻ تي مجبور آهن، پر حڪمرانن طرفان ڪوبه ڌيان نٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو ويندو، هي سنڌ صرف پ پ جي حڪمرانن جي ناهي، پر سڄي سنڌ جي ماڻهن جي آهي. هن چيو ته هن مسئلي جي حل لاءِ ڪنهن کي ته اڳتي اچڻو پوندو.ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه چيو ته شگر ملن واري مسئلي تي سنڌ حڪومت ڌر بڻيل آهي، ڪمند جي آبادگارن سان تمام وڏي ناانصافي ٿي رهي آهي. هن چيو ته ڪمند جو اگهه جو وٺڻ ۽ شگر ملون هلرائڻ لاءِ سنڌ جي سمورن وڏن روڊن ۽ ريلوي پٽڙين تي ڌرڻا هنيا وڃن، اهڙي جدوجهد سان حق ملي پوندا. هن چيو ته آبادگارن کي ڀرپور نموني سان ڌرڻن جي ضرورت آهي، اسان قومپرستن سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي ڪارڪنن جا لاش به کنيا آهن، سمورا قومپرست ڪارڪن آبادگارن جي ڌرڻن ۾ اڳيان هوندا.سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻي چيو ته 34 شگر ملون سنڌ ۾ آهن، جن مان 3 شگر ملون خرابي سبب بند آهن، جڏهن ته 31 شگر ملن مان ڪيتريون ئي شگر ملون بلاجواز بند ڪري آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي ۽ حڪومت جو اعلانيل 182 روپيا اگهه به نٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته جنهن طريقي سان زراعت کي تباهه ڪيو پيو وڃي، ان سان سنڌ کي تمام وڏو نقصان پهچندو، آبادگارن جي هن مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ اسان احتجاج به ڪيو آهي ۽ هاڻ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي جدوجهد به هلائينداسين.  آل پاڪستان مسلم ليگ سنڌ جي صدر شهاب الدين شاهه حسيني چيو ته ڪمند جي آبادگارن سان وڏو ظلم ڪيو پيو وڃي، ڪمند جو اگهه گهٽ ڪري شگر مل مالڪ آبادگارن کي تباهه ڪرڻ گهرڻ ٿا. هن چيو ته عدالت ۽ سنڌ حڪومت جي حڪم کان پوءِ به شگر ملن وارا ڏاڍيون ڪري رهيا آهن، هاڻ اهڙين ڏاڍاين تي خاموش نه وهنداسين.تحريڪ انصاف جي ايم پي اي سيد حفيظ الدين چيو ته سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگارن سان تمام وڏي ناانصافي ٿي رهي آهي، سنڌ حڪومت خاموش آهي ۽ شگر مالڪن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪري رهي آهي. هن چيو ته آباگارن کي 182 روپيا ڪمند جو اگهه ڏياريو وڃي، تحريڪ انصاف ڀرپور نموني سان احتجاج ۾ گڏ هوندي.اڳوڻي ضلعي ناظمه ٽنڊوالهيار ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي چيو ته شگر ملون هر صورت ۾ هلرائينداسين ۽ آبادگارن کي 182 روپيا اگهه وٺرائي ڏينداسين ۽ سنڌ جي اندر ڪمند جي آبادگارن سان جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي، ان تي پ پ جي ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر آواز اٿاريو آهي ۽ احتجاج ۾ گڏ آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کيس فون ڪري ٻڌايو آهي ته ان جي شگر مل 182 روپيا ڪمند جو اگهه ڏئي رهي آهي، ڪمند جي ان مسئلي تي پ پ جا ڪيترائي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز آبادگارن سان گڏ آهن. هن چيو ته قومپرستن کان وٺي مذهبي جماعتن ۽ وفاقي پارٽيون هن مسئلي تي هڪ آهن، جيڪڏهن آبادگارن سان انصاف نه ٿيو ته اسلام آباد پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو هڻي سگهون ٿا. سنڌ آبادگار بورڊ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي چيو ته گهوٽڪي جي شگر مل وارن کي جس ڏيون ٿا، جن 182 جي اگهه تي ڪمند ورتو آهي، جڏهن ته سنڌ جي باقي شگر ملن انڪار ڪندي ڪمند نه وٺي رهيون آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ واضع طور تي حڪم ڏنو آهي ته ڪمند آبادگارن کان 182 روپين تي ورتو وڃي ۽ شگر ملون هلايون وڃن، سنڌ جي اندر جيڪي به شگر ملون مالڪن جي طرفان بند ڪيون ويون آهن ۽ اگهه نه ڏئي رهيون آهن، انهن جي خلاف ڪارروائي سنڌ حڪومت ڪري، پر سنڌ حڪومت خاموش نظر اچي رهي آهي، سڄي سنڌ ۾ آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن.سنڌ اسميبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهريار مهر چيو ته سنڌ اسيمبلي جيڪي به ٺهراءُ پاس ڪري ٿي، انهن تي عمل ڪرائڻ سنڌ حڪومت جو ڪم آهي، پر سنڌ اسيمبلي مان جيڪي به ٺهراءُ عوام جي فائدي وارا پاس ٿين ٿا، انهن تي سنڌ حڪومت ڪوبه عمل نٿي ڪرائي. هن چيو ته جمهوريت جي آڙ ۾ سنڌ ۾ بدترين مارشلا آهي، سنڌ جا کاتا انهن کي خانگي ماڻهو هلائي رهيا آهن، سنڌ  حڪومت جي اهڙي عمل سبب سنڌ جي عوام جو ڪوبه بنيادي مسئلو حل نه ٿي رهيو آهي، سنڌ جي آبادگارن کي ڪمند جو اگهه 182 روپيا ڏنو وڃي ۽ جن مالڪن شگرملون بند ڪيون آهن، انهن کي فوري طور تي هلايو وڃي. هن چيو ته آبادگارن جي احتجاج ۾ ڀرپور نموني سان هر قدم تي گڏ هونداسين. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان بڻجي ويا آهن، جنهن ڪري عدم اعتماد جي تحريڪ هلائي شروع ڪيون آهن. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي صورتحال اها آهي جو هر معاملو غير قانوني طريقي سان هلي رهيو آهي، اسان سنڌ ۾ هري معاملي کي قانون مطابق هلرائڻ چاهيون ٿا. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر الاهي بخش سومري چيو ته هتي اڄ سڀ زميندار گڏ ٿيا آهيون، جن سان هاري به ڀاڳي ڀائيوار آهن، آبادگار پنهنجو حق گهري رهيا آهن، جن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. هن چيو ته هڪ طرف عدالتن تي عزت ۽ فيصلن تي عمل ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ٻئي طرف انهن جي فيصلن کي تسليم نٿو ڪيو وڃي، اها ڪهڙي سوچ آهي. چيمبر آف ڪامرس جي نائب صدر ضياءُ الدين قريشي چيو ته آبادگارن ۽ چيمبر ڪامرس جو مسئلو هڪ آهي، پاڪستان ۾ هڪ طرف دهشگرد دهشتگردي ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف حڪمران آبادگارن ۽ صنعتڪارن کي حق نه ڏئي رهيا آهن. پ پ اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي نواب غني ٽالپر چيو ته سنڌ اٿي آهي ۽ سنڌ حڪومت کي ڪن کولڻ گهرجن ته جڏهن ته سنڌ جو عوام جڏهن اٿندو آهي ته پنهنجا حق وٺندو آهي. هن چيو ته اسان کي اڳ ۾ گڏ ٿيون ها ته ملون بند نه ٿين ها ۽ هاڻ گڏ ٿيا آهيون ته 72 ڪلاڪن ۾ مل مالڪ پنهنجو شگر ملون هلائڻ تي مجبور ٿيندا. هن چيو ته سنڌ جو عوام پنهنجن چونڊيل نمائندن کان پڇاڻو ڪري. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ سيد شفقت شاه حسين شيرازي چيو ته اسان کي حق نه ملي رهيا آهن، سنڌ ۾ آصف علي زرداري شگر ملون خريد ڪيون آهن ۽ هڪ سازش تحت ڪمند جا اگهه گهٽ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته آصف علي زرداري ٺٽو، بدين ۽ سجاول جي ٻيلي کاتي جي هڪ لک 30 هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجن حقن جي حاصلات گڏيل طور تي هڪ ڏينهن سڄي سنڌ کي بند ڪيو وڃي. اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي چيو ته سنڌ جي آبادگارن جي مسئلي تي گڏ ٿيڻ تبديلي جو آغاز آهي، شهريار مهر قدم وڌائي اسان هن سان گڏ آهيون. هن چيو ته آبادگارن کي ڪمند جو اگهه عدالتي حڪم باوجود نه ملڻ هڪ سازش آهي، سنڌ ۾ زراعت جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪمران ڌانڌلين ذريعي آيا آهن، 7 سالن جو اهڙو نقشو تبديل ڪيو ويو آهي جو اڄ سنڌ ۾ بدامني بک وڌي وئي آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت جو عوام سان ڪوبه واسطو نه رهيو آهي، اسان اهڙين حڪومتن کي تسليم نٿا ڪيون. هن چيو ته سندس وڏ وزارت جي دور ۾ آبادگارن کان مقرر ڪيل اگهه تي ڪمند خريد ڪيو ويندو هو ۽ عمل نه ڪندڙ شگر مل مالڪن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي هئي. هن چيو ته غريبن کي کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، جيڪڏهن غريب ماڻهو کي ڪجهه نه ملندو ته هو وڙهندو. متحده قومي موومينٽ رابطا ڪميٽي جي ميمبر غازي صلاح الدين چيو ته متحد قومي موومينٽ ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ جي ماڻهن سان گڏ هئي ۽ هاڻ به سنڌ جي ڪمند واري اهم مسئلي تي گڏ آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي ناهي ٺاهيندي، اها مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ عملي طور ميدان ۾ اچي ويندي آهي ۽ اهو مسئلو حل ٿي ويندو آهي، ايم ڪيو ايم جو قائد الطاف حسين آبادگارن سان احتجاج ۾ هر قدم تي گڏ هوندو. هن چيو ته سنڌ جي آبادگارن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي، جنهن جون 17 شگر ملون هونديون اهو ته پنهنجو پيٽ ڀريندو ۽ اهو آبادگارن سان اگهه جي معاملي ۾ ڪهڙو انصاف ڪندو. هن چيو ته اسان کي گڏيل طور اها جدوجهد ڪرڻي آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ سنڌ کي ترقي ملي، اهڙي قسم جو ڌرڻو نه هجي جنهن جي پڇاڻي شادي تي وڃي پڄي، ايم ڪيوايم آبادگارن سان مظاهرن، ڌرڻن ۾ گڏ هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *